رپورٽنگ ڪرڻ تان عوامي آواز پليجاڻي جو رپورٽر واحد جان مري پوليس هٿان گرفتار

کيبر/اڏيرولال اسٽيشن(نمائندن وٽان) حق ۽ سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ عوامي آواز سٿ جا ساٿي نشاني تي اچي ويا، ڌرڻي دوران گرفتار ٿيلن جي ٿاڻي تي پهچي رپورٽنگ ڪرڻ دوران عوامي آواز ميڊيا گروپ پليجاڻي جي رپورٽر واحد جان مري کي ٽنڊوآدم ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس واحد جان مري کي ٿاڻي تي بند رکيو. گذريل رات ٽنڊوآدم ويجهو شاهنواز چوڪ وٽ ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب مٽياري واسي گلبهار مري سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن تان ٻنهي ڌرين وچ ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد ٽرالر جي عملي زخمي ٿيل نوجوان گلبهار مري تي سخت تشدد ڪيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. بعد ۾ گلبهار جي وارث مٽياري جي مري برادري جي ماڻهن ٽنڊوآدم جي شاهنواز چوڪ تي انصاف لاءِ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي جي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ واحد جان مري پهتو ته ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جو ايس ايڇ او عوامي آواز جي رپورٽر واحد جان مري مٿان ڏمرجي پيو ۽ کيس گرفتار ڪري پريس ڪارڊ ۽ ڪيميرا ڦري لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ايس ايڇ او مري برداري جي ٻين ماڻهن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ سندس نالو به شامل ڪري کيس سانگهڙ ڪورٽ ۾ پيش ڪري هڪ ڏينهن جو پوليس رمارنڊ ورتو. اهڙي واقعي کان پوءِ سنڌ جي صحافي برادري ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي. صحافين مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل عوامي آواز ميڊيا گروپ جي رپورٽر واحد جان مري کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

  1. عوامي آواز پليجاڻي جي عيوضي جي گرفتاري خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

اڏيرولعل اسٽيشن ( ن ع آ ) اڏيرولعل اسٽيشن ۾ عوامي آواز پليجاڻي جي رپورٽر واحد جان مري کي رپورٽنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪرڻ خلاف اوڏيرولال پريس ڪلب جي صحافين عبدالغفور هنڱورو، سڪندر ساهووال، جمعا خان ساهووال، ساجن ميرجت، فضل بلوچ، گل محمد هنڱورو، عبدالرزاق ميرجت ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جي بدمست ايس ايڇ او ايڪسيڊنٽ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن سان انصاف ڪرڻ بجاءِ الٽو عوامي آواز جي رپورٽر واحد جان مري مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته ايس ايس پي سانگهڙ صحافي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي کي فوري طور معطل ڪري جڙتو ڪيس ۾ گرفتار ڪيل واحد جان مري کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.

  1. رپورٽنگ دوران گرفتار ڪيو ويو، سچ جو ساٿ نه ڇڏينداسين: واحد جان مري

کيبر(ن ع آ) گرفتار ڪيل عوامي آواز سٿ جي ساٿي پليجاڻي جي رپورٽر واحد جان مري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌرڻي دوران هو ٽنڊوآدم ۾ موجود هو، هن ڌرڻي جي رپورٽنگ پئي ڪئي، ته پوليس اهلڪار اتي  پهتا جن ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ان دوران وڊيو رڪارڊ پئي ڪئي ته پوليس اهلڪارن کانئس موبائل فون ڦري ورتو ۽ کيس ڪارڊ ڏيکارڻ لاءِ چيو، هن عوامي آواز جو ڪارڊ پوليس اهلڪارن کي ڏيکاريو ته پوليس اهلڪارن موبائل فون، پريس ڪارڊ ۽ ٻيو سامان کانئس ڦر ڪري پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس گرفتار ڪري کڻي ويا، کيس ٻن ڪلاڪنن تائين ٿاڻي تي رکيو ويو ۽ بعد ۾ ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن کي پوليس اهلڪار گرفتار ڪري کڻي ويا، جن سان گڏ کيس به ڪيس ۾ شامل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هو حق ۽ سچ جو ساٿ نه ڇڏيندو، کيس ڪيتريون به سختيون ڏنيون وڃن، پر ظالم خلاف سندس قلم ۽ ڪيميرا کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.