پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ مان اغوا ٿيل وڌيڪ 4 مزدورن کي اغوا ڪندڙن آزاد ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب 28 جون تي ٽاور ڳوٺ مان 13 مزدورن کي اغوا ڪيو ويو هو جڏهن هڪ ٽاور تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ساڳئي ڏينهن اغوا ڪندڙن 9 مزدورن کي آزاد ڪيو ۽ 4 کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڊي پي او عبدالسلام خالد جو چوڻ هو ته 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين تي پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا ته ٽانڪ جي ڳوٺ تتور مان نامعلوم هٿياربندن کين اغوا ڪري ورتو، اغوا ڪيل سمورن 13 پورهيتن جو تعلق پنجاب سان آهي. ڊي پي او عبدالسلام خالد جو چوڻ هو ته 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين تي پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا ته ٽانڪ جي ڳوٺ تتور ۾ نامعلوم هٿياربندن کين اغوا ڪري ورتو، اغوا ڪيل سمورن 13 پورهيتن جو تعلق پنجاب سان آهي. هن چيو ته بعد ۾ پوليس 9 مزدورن کي بازياب ڪرايو هو جڏهن ته 4 ڄڻن کي 20 ڏينهن بعد هٿياربندن آزاد ڪري ڇڏيو آهي.