ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جغرافيائي حوالي سان خطي ۾ اهميت رکي ٿو ۽ بندرگاهن ۾ جديد نظام ۽ رسائي ۾ بهتري ڪري پاڪستان اربين ڊالر ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پهتو، شهباز شريف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جتي کيس بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن لاءِ سامونڊي واپار جو سڀ کان ڪارائتو رستو فراهم ڪري ٿو، وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ڪراچي ۾ موجود بندرگاهن جي ترقي سان ويليو ايڊيشن جي صنعت مان برآمدات ۾ واڌ ڪنداسين. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽيسٽ تي جديد اوزار ۽ مشينري لڳائڻ سان ڪسٽمز ڪليئرنس جي وقت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، بندرگاهن تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جلد لڳائي وڃي ۽ بندرگاهن جي سگهه مان مڪمل فائدو کڻڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي اپاءَ ورتا وڃن. هن هدايت ڪئي ته لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي ۽ سامان جي ڊليوري کي بهتر ڪرڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي به بندرگاهه سان ڳنڍيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ تائين ۽ اتان ريل ذريعي سامان جي ڊليوري جي سگهه وڌائي وڃي، پورٽ قاسم تي ايل اين جي جهازن جي فيس کي گهٽ ڪري عالمي سطح تي لاڳو ريٽس مقرر ڪيا وڃن جڏهن ته شپنگ لائنز جي ريگيوليشن لاءِ حڪمت عملي ٺاهي جلد پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پنهنجي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ پنهنجن آپرشنز کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ جوڳو پلان ٺاهي پيش ڪري. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي بندرگاهه جي ڪارڪردگي جي خطي جي ٻين بندرگاهن سان ڀيٽ تي ٻڌل هڪ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.