حماس پاران اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ آمريڪي تجويزن تي اتفاق

واشنگٽن ( م ڊ )  فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جي آمريڪي تجويز تي اتفاق ڪيوآهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حماس اسرائيلي فوجين ۽ ٻين قيدين جي آزادي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي آمريڪي تجويز قبول ڪري ورتي آهي. حماس ذريعن جو چوڻ آهي ته غزا جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدي جي پهرين مرحلي جي 16 ڏينهن کانپوءِ تجويز تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته حماس پنهنجي ان مطالبي کان پوئتي هٽي وئي آهي ته اسرائيل معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان اڳ مستقل جنگبندي جو عزم ڪري ۽ فلسطيني مزاحمتي تنظيم پهرين ڇهن هفتن دوران ڳالهين جي اجازت ڏئي،  ٻئي طرف مصري ميڊيا پاران ٻڌايو ويو آهي ته مصر ۽ غزا جنگ بندي جي ڳالهين لاءِ اسرائيلي ۽ آمريڪي وفدن جي ميزباني ڪندا جڏهن ته مصر حماس سان جنگ بندي ۽ يرغمالين جي تبادلي تي به ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.