ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي چيو آهي ته مهانگي بجلي، ظالماڻين ٽيڪسن خلاف جمع12 جولاءِ تي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمن جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، آءِ ايم ايف جي اشارن تي بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو اضافو ڪري صنعتن کي تباهه ۽ عوام کي ذهني مريض بڻايو پيو وڃي، مهانگائي، بجلن بلن ۾ لاڳيتو اضافي سميت حڪومت جي عوام دشمن قدمن خلاف پُرامن جدوجهد جاري رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي جي حوالي سان تيارين جي جائزي سميت ٻين دعوتي ۽ تنظيمي مامرن جو پڻ جائزو ورتو ويو. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پيش ڪيو، صوبائي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي “ عزم استحڪام آپريشن” جي سخت مخالف آهي ڇو ته هي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي آپريشن سان ملڪ ۾ استحڪام بدران عدم استحڪام ايندو، هن چيو ته سنڌ ۾ عملي طور تي ڌاڙيل راڄ نافذ آهي عوام ڏينهن هجي يا رات غير محفوظ آهن، پوليس سميت سيڪورٽي ادارن جا قلعا هجڻ باوجود پنو عاقل، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جي بدترين صورتحال سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ جي استحڪام لاءِ ڪي پي ۽ بلوچستان بدران هتي فوجي آپريشن ڪيو وڃي