ڪراچي ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن گرم رهيو جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڦڙ ڦڙ پئي، گرمي پد 38 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر  ڪيو ويو هو جڏهن ته شام جي وقت موسم ٿڌي رهيو. ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آنڌاري ۽ گجگوڙ سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب بلوچستان ۾ هلندڙ سال معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. جولاءِ دوران برسات جا 2 کان ٽي اسپيل ايندا، آگسٽ ۾ بلوچستان ۾ چوماسي جون وڌيڪ برساتون پونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.