پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي هاڻ ڪا به ڪمي ناهي رهي پارٽين پويان پارٽيون وجود ۾ اچي رهيون آهن. حڪمران جماعت ن ليگ جي ڪک مان عوام پاڪستان پارٽي ٻاهر نڪتي آهي جنهن جو ڪنوينر ن ليگ جي ٽڪيٽ تي ماضي ۾ رهندڙ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل آهي جيڪو ٻه ڀيرا ن ليگ حڪومت جو وزير خزانه به رهيو آهي. هن نئين پارٽي جي افتتاحي تقريب ٿي جنهن بعد ن ليگ جيڪا هن وقت سياسي ٻڏتر جو شڪار آهي ۽ سندس حڪومت مٿان ڌانڌلين ۽ سگهارن قوتن جي وسيلي اقتدار ماڻڻ وارا الزام لڳي رهيا آهن ۽ سخت تنقيد جو نشانو بڻجي رهي آهي نئين پارٽي اچڻ بعد اها ويتر لمحه فڪر طرف هلي ويندي جنهن جا ن ليگ لاءِ گهٽ پر ن ليگ جي قائد ميان محمد نواز شريف جي سياسي ميدان ۾ وڏي شڪست ممڪن آهي جو ن ليگ جا پراڻا ۽ باغي اڳواڻ نئين پارٽي جو رخ ڪري سگهن ٿا.
ملڪي سياست ۾ نئين سياسي پارٽين جي وجود ۾ اچڻ واري روايت ڪا نئين ناهي ۽ اها قيام پاڪستان کان پوءِ تڏهن شروع ٿي جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ جو خاتمو ٿيو ۽ پاڪستان مسلم ليگ جو وجود پيو جنهن جو سربراهه باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح هو جنهن ملڪ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ قرباني ڌني اها ٻي ڳالهه آهي ته باني پاڪستان جي لاڏاڻي بعد پاڪستان مسلم ليگ متحد رهي نه سگهي، ان جي ڪک مان نين سياسي پارٽين جنم ورتو جيڪي مختلف نالن سان حڪمراني ڪنديون رهيون جن جي سياست ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور مستحڪم ڪرڻ بدران پنهنجي انا واري سياست ڪئي ۽ ملڪ کي تباهي ڪناري تي پهچايو
پاڪستان جي ٺهڻ بعد پاڪستان مسلم ليگ جي ڪک مان کوڙ سارين پارٽين جنم ورتو جيڪي وقت سان گڏ پنهنجو وجود وڃائي چڪيون آهن جيڪڏهن ڪو وجود هوندن به ته ڪاڳرن جي حد تائين هوندن يا شخصن تائين هونديون. ماضي طرف وڃبو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي مک پاڪستان مسلم ليگ جي ڪک مان ڪنوينشنل مسلم ليگ نڪتي جنهن جي اڳواڻي وقت جي آمر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ڪئي جڏهن ته وقت جي سياستدان ممتاز دولتانه جناح مسلم ليگ قائم ڪري ان جو سربراهه بڻجي ويو پنجاب جي وڏ وزارت به ماڻي اڳتي هلي اها مسلم ليگ ممتاز دولتانه ڌڙي ۾ تبديل ٿي ۽ انجي پليٽ فارم تان سياسي سرگرميون جاري رکيون. بعد ۾ مسلم ليگ قيوم گروپ مسلم ليگ جوڻيجو گروپ جو وجود عمل ۾ آيو. 1970 وارين عام چونڊن بعد مسلم ليگ قيوم گروپ جي ڪک مان مسلم ليگ پاڳارو گروپ وجود ۾ آيو جيڪو اڳتي هلي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ تبديل ٿي ويو. اهڙي طرح ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ ۾ شامل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ايوب خان سان بغاوت ڪئي ۽ ڪابينه ڇڏي ڏني ته هن پ پ پ جو وجود وڌو. جڏهن ضياءَ الحق ۽ مشرف جو حڪومتون آيون ته پ پ پ ڪنهن حد تائين ڌڙن ۾ تبديل ٿي وئي جنهن جي ڪک مان وري پ پ شيرپائو پ پ شهيد ڀٽو پ پ پئٽراٽڪ ۽ نيشنل پ پ نڪتيون جن وقتي طور وزارتون ۽ عهدا ماڻيا پر هن وقت هنن ڌڙن جو به ڪو به بهتر حال يا مستقبل ناهي سواءِ اتحادين وارو ڪم ڪن ٿيون. هن وقت صرف پ پ پ پارليامينٽرن جو وجود آهي جنهن جي وفاق توڙي سنڌ ۾ حڪومت رهي ٿي ۽ هن وقت به پ پ پ جو آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ ويٺو آهي.
جڏهن مشرف مسلم ليگ ن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته ان جي ڪک مان قائداعظم مسلم ليگ جنم ورتو جنهنجو سربراهه چوڌري شجاعت وزيراعظم به بڻيو جنهن شريف خاندان جي جلاوطني جو سگهارن ادارن کان گهڻو ڪجهه فائدو ورتو، شريف خاندان اقتدار جي بچاءُ خاطر چوڌرين جي در جا سلامي بڻيل آهن ۽ ق ليگ کي به اقتدار ۽ وزارتون گهرجن ٿيون باقي ننڍن صوبن سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ن ليگ اثر وڃائي چڪي آهي. ن ليگ وٽ ڪو به ٻيو چارو موجود ناهي سواءِ سگهارن ۽ علائقائي پارٽين جو سهڪار حاصل ڪرڻ جي. پاڪستان مسلم ليگ هن وقت اها ناهي رهي جيڪا باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح عمل ۾ آندي هئي هن وقت انجو نالو استعمال ٿي رهيو آهي پر مسلم ليگ جاڌڙا ملڪ کي قومي معاشي ۽ سياسي طور مستحڪم ڪري ناهن سگهيا جنهن جو خواب باني پاڪستان محمد علي جناح ڏٺو هو. ملڪ ۾ آڳاٽو چئوٻول ۽ قياس آرائيون پئي هليون ته ن ليگ جي ڪک مان ٽين سياسي پارٽي به جنم وٺڻ وڃي رهي آهي نيٺ اهي قياس آرائين جو تڏهن خاتمو آيو جڏهن ٽيون ڏينهن عوامي پاڪستان پارٽي جو بنياد پئجي ويو ۽ هڪ خاص تقريب ۾ نئين پارٽي جو افتتاح ٿيو. عوام پاڪستان پارٽي ۾ لڳ ڀڳ 17 اڳواڻ في الحال باني آهن جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ گير سطح تي سياسي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. نئين پارٽي جي مک سربراهن شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل پارٽي جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ نه سياسي استحڪام آهي نه وري معاشي طور مستحڪم آهي جنهن جي سخت ضرورت آهي حڪومتون ۽ ملڪ ايئن ناهن هلندا جيئن هلايو پيو وڃي. ملڪ ۾ تحرير تقرير جي آزادي هجڻ گهرجي جيستائين اداران کي آئين ۽ جمهوري لحاظ کان هلايو نه ويندو تيستائين ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪندو. ملڪ جا وسيلا ۽ ادارا وڪرو ڪرڻ بدران انهن کي مثالي ۽ منافع بخش بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. هنن واضح ڪيو ته ملڪ کي فارم 47 بدران فارم 45 تحت هلائڻ گهرجي. هنن پي ٽي آءِ کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ لاءِ به زور ڀريو. هنن واضح ڪيو ته موجوده پارليامينٽ ۾ چونڊيل گهٽ پر ٿاڦيل وڌيڪ ويٺل آهن جن وٽ ملڪ هلائڻ جي ڪا به اهليت ناهي. عوام پاڪستان پارٽي صرف انهن سياسي اڳواڻن کي جاءِ ڏيندي جن وٽ شعور ۽ اهليت هوندي
شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ن ليگ جا سرگرم اڳواڻ رهيا آهن جن کي ن ليگ جو ويجهو ۽ حامي هجڻ ڪري جيلن ۾ به وڌو ويو ۽ نيب جا ڪيس به داخل ٿيا جو هنن پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف سان وفاداري ۽ محبت جو مظاهرو ڪندي پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سگهارن قوتن ۽ پي ٽي آءِ قيادت خلاف سخت احتجاج ڪيا ڌرڻا هنيا ۽ ميان جي باعزت واپسي جا مطالبا ڪيا پر هنن محترمه مريم نواز جي قيادت تي سوال اٿاريا هئا جيڪا ڳالهه ن ليگ قائدين کي سٺي نه لڳي ۽ کين پاسيرو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي موٽ ۾ هنن ن ليگ سان بغاوت ڪندي علحدگي اختيار ڪئي.
نئين پارٽي ٺاهڻ تي کين فوري ڪا به سياسي پٺڀرائي ملي ناهي سگهي.بهرحال سندن موقف جو عام پارٽي ۽ سياسي ورڪر کي انتظار ضرور آهي. نئين پارٽي جي باني اڳواڻن شاهد خاقان عباسي جيڪو لڳ ڀڳ ٽي سال وزيراعظم ۽ مفتاح اسماعيل ٻه ڀيرا وزير خزانه رهيو آهي هنن وٽ ن ليگ ۽ شريف خاندان جا وڏا راز آهن جيڪڏهن اهي منظر عام تي اچن ٿا ته ن ليگ قيادت کي ڪنهن حد تائين سياسي نقصان پهچي سگهي ٿو. هونئن به نئين سياسي پارٽي جي وجود ۾ اچڻ بعد ن ليگ لاءِ به خطرو ٿي سگهي ٿو جو ان جا رٺل اڳواڻ به هن طرف وک وڌائيندا. اهي به امڪان آهن ته نئين سياسي پارٽي پي ٽي آءِ، جي يو آءِ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي ۽ سياسي پارٽين سان به اتحاد ڪري جيڪي ن ليگ ۽ فارم 47 چونڊن جون مخالف آهن. ن ليگ هن وقت سياسي بليڪ ميل به ٿي سگهي ٿي جو ان وٽ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪمزور اتحاد کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي رهيو.
نئين پارٽي ٺاهڻ تي کين فوري ڪا به سياسي پٺڀرائي ملي ناهي سگهي.بهرحال سندن موقف جو عام پارٽي ۽ سياسي ورڪر کي انتظار ضرور آهي. نئين پارٽي جي باني اڳواڻن شاهد خاقان عباسي جيڪو لڳ ڀڳ ٽي سال وزيراعظم ۽ مفتاح اسماعيل ٻه ڀيرا وزير خزانه رهيو آهي هنن وٽ ن ليگ ۽ شريف خاندان جا وڏا راز آهن جيڪڏهن اهي منظر عام تي اچن ٿا ته ن ليگ قيادت کي ڪنهن حد تائين سياسي نقصان پهچي سگهي ٿو. هونئن به نئين سياسي پارٽي جي وجود ۾ اچڻ بعد ن ليگ لاءِ به خطرو ٿي سگهي ٿو جو ان جا رٺل اڳواڻ به هن طرف وک وڌائيندا. اهي به امڪان آهن ته نئين سياسي پارٽي پي ٽي آءِ، جي يو آءِ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي ۽ سياسي پارٽين سان به اتحاد ڪري جيڪي ن ليگ ۽ فارم 47 چونڊن جون مخالف آهن. ن ليگ هن وقت سياسي بليڪ ميل به ٿي سگهي ٿي جو ان وٽ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪمزور اتحاد کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي رهيو.