ملير ۾ پوليس هٿان مارجي ويل عورت جو ڪيس داخل نه ٿيو، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ملير/ڌاٻيجي(رپورٽ: جميل چانڊيو+ مقصود جوکيو) اسٽيل ٽائون پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ عورت مارجي وڃڻ وارو معاملو، پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف وارثن جو ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس خلاف لنڪ روڊ ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، ڪيٽي بندر واسي سمون برادري جي معززين ۽ مختلف برادرين جي نوجوانن پاران اسٽيل ٽائون پوليس خلاف ملير جي لنڪ روڊ وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ ڪيٽي بندر، ساڪرو، گهارو، ٺٽو ۽ ملير جي مختلف برادرين سميت سياسي تنظيمن عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ ماهيگير سماجي سنگت جي سوينن ماڻهن شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندي الطاف سمون، ايازلاشاري، يعقوب سمون ۽ ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون صحافين کي ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ اسان جي فيملي ڪراچي کان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ بعد واپس وڃي رهي هئي ته قومي شاهراهه تي اسٽيل ٽائون پوليس ڪار تي سڌيون گوليون هنيون جنهن سبب ڪار ۾ سوار اسان جي ڀيڻ سائره بانو موقعي تي قتل ٿي وئي ۽ ڀاڻيجي 19 ورهين غنويٰ سخت زخمي ٿي پئي هئي، اسان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ آياسين پر پوليس ايف آءِ آر ڪٽڻ کان جواب ڏنو جنهن بعد اسان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو آهي هنن چيو ته جيستائين ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو، آخري اطلاعن تائين مظاهرين پاران ڌرڻو جاري رهيو ۽ قومي شاهراهه ٻنهي پاسن کان بند هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.