ڪراچي (رپورٽر ) مبينا ڪرپشن جي عيوض ۾ افغان شهرين کي جاري ڪيل هزارين پاڪستاني پاسپورٽ جي جاچ ۾ سنسني خيز انڪشاف ٿيا آهن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ عوامي مرڪز، ملير ۽ ٺٽي جي پاسپورٽ آفيسن مان به افغان شهرين کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيا ويا. ڪراچي ۾ صدر پاسپورٽ آفيس مان پرڏيهين کي جاري ڪيل پاسپورٽ جو انگ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي، 2010 ۽ 2012 جي وچ ۾ تقريبن 11,000 پاسپورٽ غير ملڪي ماڻهن کي جاري ڪيا ويا، گم ٿيل پاسپورٽ جي بدلي ۾ ٻين ماڻهن کي جاري ڪيل جعلي پاسپورٽ سان ايف آءِ اي سي ٽي ڊبليو ڪراچي پاسپورٽ آفيس جي سپرنٽينڊنٽ ۽ اڳوڻي آفيسر کي به گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پرڏيهين کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ نادرا جي ڪردار جي به جاچ ڪئي پئي وڃي.