سيٺارجا ۾وحشت، بااثرن عورتن تي غير انساني تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

سيٺارجا ڀرسان وحشت جي انتها، 70 سالا پيرسن بيواه عورت ۽ سندس ڌي مٿان جوابدارن گهر اندر حملو ڪري ڏنو 24 ڪلاڪن تائين عورتون گهر اندر يرغمال رهيون، وحشي ظالمن پاران هڪ عورت جي نازڪ عضوي ۾ ڏنڊو وجھي ٻچي داني ٻاهر ڪڍي ڇڏي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي ماڻهن جي مدد سان عورتون پوليس وٽ پهچڻ باوجود ٺلهو آسرو ڏئي اسپتال منتقل ڪيون ويون،  متاثر عورتون نجي اسپتال پهچڻ بعد ۽ ميڊيا ۾ خبرون هلڻ تي به ڪنهن عملدار نوٽيس نه ورتو. ٻئي طرف ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس پاران ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي، ڳوٺ گل حسن ڪٻر جي بيواھه رخسانه ۽ سندس ڌي شبيرا ڪٻر صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن لياقت، رفيق ڪٻر، شوڪت، فدا ڪٻر ۽ ٻين عورتن اسان کي پنهنجي گهر ۾ گهڙي سخت تشدد ڪيو آهي ۽ 24 ڪلاڪ قيد ڪري ڇڏيو ھو جن اسان مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي ۽ نازڪ جڳھ تي ڏنڊو وجھي ٻچي داني ٻاهر ڪڍي ڇڏي، گهر ۾ ڪو به مرد به ناهي بااثرن وڏو ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن تعلقي اسپتال وومين جي ڊاڪٽر امبر عابد رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو متاثر عورتن جي جسم تي تشدد جا نشان آهن باقي عورت پاران لڳايل بچي داني ٻاهر ڪڍڻ واري ڳالھه ۾ ڪابه صداقت ناهي، وڌيڪ عورتن کي علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بوزدار وڏا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙو ٻارن جي ڳالھ تان ٿيو آهي، انڪوائري ڪرڻ بعد قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.