اتر امريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ رھندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا ) جو 40 ساليانو اهم ڪنوينشن ڪينيڊا جي شھر ڪيلگري ۾ وڏي اهتمام سان ٿيو جنھن ۾ آمريڪا، ڪيناڊا، سنڌ ۽ ھند جي سنڌين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سانا جي ڪنوينشن جي پڄاڻي تي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي طرفان تمام اهم ٺهراءَ منظور ڪيا ويا جنهن مطالبا ڪيا ويا ته پاڪستان کي قائم ڪندڙ وفاقي ايڪائين يعني صوبن ۾ نئون سماجي معاھدو ڪرڻ ۽ صوبن کي مڪمل مالي خودمختياري ڏيڻ جي گهر ڪئي ويئي آهي. سانا طرفان ملڪ جي مالي وسيلن جي ورڇ واري هاڻوڪي نظام جي نئين جوڙجڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ، وفاق ۽ صوبن ۾ قومي مالياتي ڪميشن واري رائج سرشتي کي ختم ڪري صوبن کي مڪمل مالياتي خودمختياري ڏيڻ جي گهر ڪئي ويئي آھي.
سانا جي چوڻ موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ صوبو، ملڪ کي 44 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيون ڏئي رھيو آھي جڏھن ته بدلي ۾ ان کي فقط 15 سيڪڙو کان به گھٽ ملي رھيو آھي. سانا جي هن اهم ڪنوينشن ۾ منظور ڪيل گهڻ نقطن تي ٻڌل ٺهرائن ۾ ملڪ ۾ موجود معاشي ۽ سياسي بحرانن جي علامتي مسئلن جي حل ۽ سطحي موضوعن يا ملڪ کي لڳل ڪينسر سبب ظاهري علامتن، بخار ۽ ٻين بيمارين جي علاج جا ضرور مطالبا ڪيا ويا پر سموري ملڪ کي لڳل اصل ڪينسر، جاگيرداري ۽ وسيلن تي ڪجهه سئو خاندانن جي قبضن جو خاتمو ڪرڻ، جاگيرون ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري وسيلا عوام ۾ ورهائڻ، زرعي سڌارا ڪرڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي شهيد جي دور ۾ ڪيل زرعي سڌارن کي وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان غير اسلام قرار ڏيئي رد ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ موجود اپيل جي پوئيواري ڪرڻ بابت ڪابه ڳالهه يا گهر نه ڪئي ويئي آهي.
هوڏانهن، وفاق ۽ سنڌ بلوچستان ۾ حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان وفاقي حڪومت طرفان امڪاني آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائيندي ، وفاقي حڪومت طرفان آپريشن عزم استحڪام شروع ڪرڻ جو ڪيو ويو ته سندس جماعت بنيادي طور تي دهشتگردي جي خلاف آهي ۽ اسان ان جي مستقل خاتمي جو مطالبو ڪيون ٿا. بلوچستان جي حالتن ۽ امن امان بابت آواز اُٿاريندي ۽ صوبي ۾ موجود سندن حڪومت، دهشت گردي جي خاتمي لاءِ هرممڪن قدم کڻندي. يقينن پاڪستان پيپلز پارٽي دهشت گردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ڌرين ۾ شامل آهي جنهن جي حملن ۾ پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي جو هاڃيڪار نقصان ٿيو جنهن جي اثرن مان اڃا تائين ملڪ نڪري نه سگهيو آهي. پر دهشت گردي،لاقانونيت ۽ ملڪ جي معاشي تباهي جو سبب ملڪ جا وسيلا ۽ زمينون صرف ڪجهه سئو خاندانن جي قبضن ۾ هجڻ ڪري ملڪ انيڪ بحرانن جو شڪار آهي ۽ ملڪ جي بقا ۽ سلامتي داءُ تي لڳل آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهرجي ته اها اڳتي وڌي سپريم ڪورٽ ۾ موجود وفاقي شريعت ڪورٽ جي زرعي سڌارن کي رد ڪيل ڪيس کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي ۽ زرعي سڌارن کي بحال ڪرڻ ۽ انهن کي وڌيڪ موثر بنائڻ ۽ جاگيردارن ۽ سردارن کي پنهنجي جماعت کي شامل نه ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اصل جمهوري ترقي پسند فلسفو ۽ ڪردار بحال ڪرڻ گهرجي. تڏهن ئي ملڪ بحرانن مان نڪري سگهي ٿو ۽ قوم ۽ ملڪ لاءِ وري جياپي جون اميدون ۽ بهتر مستقبل جا رستا کلي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ طرفان نامياري صحافي ۽ ليکڪ اسحاق مڱرئي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته اسحاق مڱريو قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ بهادر صحافي هو،هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڊجيٽل آدمشماري ۽ ٻين مسئلن خلاف جدوجھد ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته، وڏيرا ۽ سردار سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهن، سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن کي بچائڻ لاءِ سگهاري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جمهوريت جي نالي ۾ حڪمرانن جي سھولتڪاري سان ون يونٽ کان به وڌيڪ وار ڪيو ويو آھي. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ قبيلائي سردارن ۽ جاگيردارن کي طاقتور ڪري عوام مٿان سوار ڪيو ويو آھي ۽ انتظاميا سردارن جي ذاتي ملازمن وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي وغيره. ميڙاڪي کي خطاب ڪندڙ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته اسحاق مڱريو هڪ تحقيقي ۽ عوامي صحافي هو, جنهن جي تحقيقي لکڻين کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. افسوس ته سنڌ جي ترقي پسند هنن ٻنهي اهم سياسي جماعتن طرفان پڻ سنڌ جي سماج ۽ ملڪ کي لڳل اصل ڪينسر جاگيرداري جي خاتمي ۽ زرعي سڌارا ڪري زمينون هارين ۾ ورهائڻ ۽ جاگيردارن، وڏيرن ۽ وسيلن تي قابض ڌرين جي اثر هيٺ قائم ڏوهن جي اصل مرڪزن جو خاتمو ڪرڻ بابت ڪابه پيرائتي نموني ڳالهه نه ڪئي ويئي.
ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي جي سياست تي مرثيو پڙهڻ تي دل گهري ٿي ، ان لاءِ ته، سموري سنڌ ۾ وسيلن تي ڌارين جي قبضن ۽ سنڌ جي زمينن جي غير منصفاڻي نيلامي ۽ فارمنگ جي نالي ۾ مختلف منصوبن لاءِ الاٽ ٿيندڙ هزارين ايڪڙ زمينن بابت وقتي ميڙاڪا ڪري ميڊيا مهمون ته ضرور هلايون وڃن ٿيون پر ان بعد وري هر ڪا ڌر شاباس ۽ جيئي جيئي چئي پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿي ۽ ملڪ ۽ سماج کي لڳل اصل ڪينسر جي خاتمي تي ڪابه سنجيده توجهه نه ٿي ڏني وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جا اڪثر جاگيردار، سردار، وڏيرا ۽ قبضا گروپن واريون بااثر ڌريون اقتداري سياسي پارٽين ۾ داخل ٿي پنهنجي طاقت کي وڌائڻ ۾ مصروف آهن پر انهن جي هڪ وڏي تعداد پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي جمهوريت پسند ۽ بنيادي طور تي جاگيرداري مخالف جماعت جي ذريعي سياسي عهدا ۽ اسيمبلين جون سيٽون حاصل ڪري انهيء جماعت ۽ سماج کي پڻ ڪينسر جو شڪار ڪري اپاهج ڪري رهيا آهن. بلڪل اهڙي قسم جي صورتحال سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست ڌرين جي پڻ آهي جيڪي سنڌ ۾ وقتي طور تي اڀريل مسئلن ۽ زمينن جي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻين مدن ۾ هزارين ايڪڙ الاٽ ڪرڻ خلاف ته احتجاجي ميڙاڪا ڪرڻ ، مظاهرا، پريس ڪانفرنسون ۽ پريس بيان جاري ڪرڻ ۽ سماج جي جسم تي موجود علامتن بخار ۽ ٻين بيمارين جي علاج جا ته مطالبا ڪن ٿا پر سماج کي لڳل اصل ڪينسر يعني جاگيرداري نظام جي خوفناڪ صورتحال ۽ سنڌ سميت سموري ملڪ جي قومي وسيلن تي چند سئو خاندانن جي قبضن ۾ هجڻ ڪري ڌاڙيلن جا ڪٽڪ پيدا ٿيڻ ، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اغوائن ، ڌاڙن ۽ قبضن ۽ لاقانونيت ۽ قبائلي خونريزين ۽ وري متاثر ڌرين جا جاگيردارن ۽ سردارن جي سرپئنچي ۾ فيصلا ڪرائڻ ۽ ٺاهه ڪرائڻ جي نالي ۾ پنهنجون عدالتون ۽ عدالتي نظام لاڳو ڪرڻ جهڙا سماج دشمن واقعا ۽ منظرناما پڻ اسان جي سامهون اچي رهيا آهن پر ڪا به سياسي ڌر سماج ۾ موجود اصل ڪينسر تا پردو لاهڻ لاءِ تيار ناهي.
ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي جي سياست تي مرثيو پڙهڻ تي دل گهري ٿي ، ان لاءِ ته، سموري سنڌ ۾ وسيلن تي ڌارين جي قبضن ۽ سنڌ جي زمينن جي غير منصفاڻي نيلامي ۽ فارمنگ جي نالي ۾ مختلف منصوبن لاءِ الاٽ ٿيندڙ هزارين ايڪڙ زمينن بابت وقتي ميڙاڪا ڪري ميڊيا مهمون ته ضرور هلايون وڃن ٿيون پر ان بعد وري هر ڪا ڌر شاباس ۽ جيئي جيئي چئي پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿي ۽ ملڪ ۽ سماج کي لڳل اصل ڪينسر جي خاتمي تي ڪابه سنجيده توجهه نه ٿي ڏني وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جا اڪثر جاگيردار، سردار، وڏيرا ۽ قبضا گروپن واريون بااثر ڌريون اقتداري سياسي پارٽين ۾ داخل ٿي پنهنجي طاقت کي وڌائڻ ۾ مصروف آهن