ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) باربيڊوس ۾ ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شاندار فتح ڏياريندڙ سپر اسٽار ويرات ڪوهلي ۽ سندس گهرواري بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما پنهنجي ٻنهي ٻارن سان گڏ مستقل طور ممبئي کان لنڊن منتقل ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن.
ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما ڀارت ۾ گوڙ گهمسان ۽ مداحن کان پري پنهنجي ذاتي زندگي پرسڪون ماحول ۾ گذارڻ جا خواهشمند آهن، جتي هنگامي ۽ شور شرابو نه هجي ۽ ٻئي آزاداڻي نموني گهمي ڦري سگهن.
جوڙي جي خواهش آهي ته سندن ٻار ٻاهرين ملڪ تعليم پرائي سگهن سندن هدف اهڙو شهر آهي جتي عام ماڻهن کين سڃاڻي نه سگهن.
فائنل جي هيرو خميس ڏينهن ممبئي ۾ وڪٽري پريڊ ۾ شرڪت کانپوءِ پنهنجي گهرواري ۽ ٻنهي ٻارن واميڪا ۽ اڪائي سان گڏ لنڊن روانو ٿي ويو هو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل کانپوءِ ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ سان ڀاڪر پائيندي لڙڪ لاڙي ويٺو .
ويرات ڪوهلي هلندڙ سال نومبر ۾ پنهنجي 36 هين سالگرهه ملهائيندو، اڳوڻو ڀارتي ڪپتان اڄ به سپر فٽ آهي پر هو عروج تي عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ چاهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي پنهنجي پٽ اڪائي پيدائش بعد لنڊن منتقل ٿيڻ جو سوچي رهيا آهن.
سندن ويجها دوست دعويٰ ڪري رهيا آهن ته جوڙو لنڊن ۾ مستقل طور آباد ٿي سگهي ٿو جتي هو هڪ عاليشان گهر خريدڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، پٽ جي پيدائش کان اڳ ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا لنڊن ۾ گهڻو وقت گذاريو ۽ اڪائي جو جنم پڻ لنڊن ۾ ئي ٿيو هو.
You might also like