ويرات ڪوهلي: دهليءَ جو ڇوڪرو جنهن ڪرڪيٽ جي دنيا فتح ڪئي

تحرير:- طارق راڄپر

چوندا آھن ته سلطنت ٺاھڻ سولو آھي پر ان کي قائم رکڻ، سنڀالڻ ڏاڍو اوکو هوندو آھي. اھڙيءَ طرح ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ھر روز نوان نوان تجربا ۽ ٽيلنٽ سان ڀريل نوجوان، ڪرڪيٽ جي سلطان بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آھن.اڄ کان 16 ورهيه اڳ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ھڪ اھڙي رانديگر پير پاتو، جنھن ڪرڪيٽ جي راند جا نقشا ئي تبديل ڪري ڇڏيا. ڪرڪيٽ ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪيو، جنھن کانپوءِ ڪرڪيٽ ۾ احساسات ظاھر ٿيڻ لڳا ته ڪرڪيٽ رڳو کيڏڻ جي راند ناھي پر رانديگر سان ان جي ملڪ جا ۽ سندس چاھيندڙن جا احساسات به شامل آھن.
اھا خبر ان وقت پئي جڏھن وڏي مئچ، وڏي ٽورنامينٽ جي وڏي رانديگر ڪنگ سڏيو ويندڙ ويرات ڪوهليءَ پنھنجي ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽرائي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ويرات ڪوهلي جي اهڙي فيصلي کانپوءِ عوام پريشان هو ته خوش ٿِجي يا روئِجي. ڇاڪاڻ ته ھڪ طرف ورلڊ ڪپ کٽڻ جي خوشي ٻئي طرف ڪوھليءَ جي رٽائرمينٽ جو ڏک، بهرحال ڪوهليءَ جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ سندس چاهيندڙن لاءِ ھڪ ڏک جو اعلان آھي.
ويرات ڪوهلي مختصر فارميٽ جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان آخري مئچ ۾ پليئر آف دي ميچ ايوارڊ وٺڻ وقت ڪيو، ڪوهليءَ جڏهن رٽائرمينٽ جي اعلان ڪيو تنهن وقت باربيڊوس جي ميدان ۾اوچتو ڪڪر به وسي پيا ڄڻ هو به ان فيصلي تي ڏکوئل هجن.
ويرات ڪوھلي ڪرڪيٽ جو سلطان بڻجي اڀريو، جنھن جي مقابلي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا رانديگر ان تائين پھچڻ جا صرف خواب ئي ڏسندا رھيا ۽ ڪيترن کي نوجوانن کيس پنهنجو آئيڊيل بڻايو. ڪيترن ئي بالرن سندس وڪيٽ وٺڻ جا خواب ڏٺا جيڪي ڪجهه بالرن جي خواب ساڀيان ماڻي پر ڪجھه وڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھيا.
ويرات ڪوهليءَ ان وقت پنھنجا جوھر ڏيکاريا، جنھن وقت سندس ٽيم هن جي انتهائي ضرورت ھئي. هن هر واري ڏکين مرحلن ۾ پنھنجي ٽيم جي لاءِ مئچ وننگ پرفارمنس ڏئي ڪري ثابت ڪيو ته ھو چيز ماستر پڻ آھي.
ويرات ڪوهليءَ فين فالوونگ دنيا جون سرحدون اورانگهي ڇڏيون، جيترا چاھيندڙ سندس ملڪ ۾ آهن اوترائي دنيا ۾ پڻ رهن ٿا. جنهن جو اندازو اوهان سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽس مان لڳائي سگهون ٿا.
ويرات ڪوهلي جي ذاتي ۽ ڪرڪيٽ سفر تي هڪ نظر
ويرات ڪوهليءَ جو جنم 5 نومبر 1988ع ۾ ڀارت جي راڄڌاني نئين دھليءَ ۾ ٿيو. سندس جي شادي 2017ع ۾ بالي ووڊ جي مشهور اداڪار انوشڪا شرما سان ٿي.
ويرات ڪرڪيٽ جي شروعات 2006ع کان ڪئي، جنھن دوران هو پنھنجي مقامي ٽيمن لاءِ کيڏيو. ڪوهليءَ پنھنجي عالمي ڪرڪيٽ جي شروعات هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ سان ڪئي، جيڪا 18 آگسٽ 2008ع ۾ سريلنڪا جي خلاف دمبولا ۾ کيڏي وئي. ان کان پوءِ پھرين انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي مئچ 12 جون 2010ع ۾ زمبابوي جي خلاف ھراري جي گرائونڊ تي کيڏي وئي. ٽيسٽ راند جي شروعات 20 جون 2011ع تي ويسٽ انڊيز جي خلاف ڪينگسٽن جي ميدان تي کيڏي. ٽيسٽ ھجي يا ون ڊي يا ٽي ٽوئنٽي، راند ٽنھي فارميٽ جو ھي ھڪ بھترين ۽ ڪامياب بيٽر رهيو آهي. جنھن ڪيترائي رڪارڊ پنھنجا نالي ڪيا ( ڪيترائي رڪارڊ کيس پنهنجي نالي ڪرڻا آهن) هن ڀارت کي پنھنجي ڪپتانيءَ ۾ ٽيسٽ ۾ پھرئين نمبر تي آندو.
ھن 2015 کان 2017 جي دوران لاڳيتو 25 ٽيسٽ مئچون کٽي ڀارت جي سڀ کان ڪامياب ڪپتان هئڻ جو اعزاز ماڻيو. ويرات ڪوهليءَ 113 ٽيسٽ مئچز جي 191 اننگز ۾ 8848 اسڪور ڪيو. سندس بهترين اسڪور 254 آھي. ان کانسواءِ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ 29 سينچريون ۽ 30 ففٽيون پڻ اسڪور ڪيون آهن.
هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾سندس مئچن جو انگ 292 جنهن جي 280 اننگز ۾ ھن 13848 رنسون ٺاهيون آهن. جنھن ۾ 50 سينچريون ۽ 72 ففٽيون به شامل آھن. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سندس بهترين انفرادي اننگز 183 آهي جيڪا هن پاڪستان جي خلاف 2012ع ۾ ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ دوران کيڏي هئي.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ 125 ميچن ڀارت جي نمائندگي ڪندي ويرات ڪوهليءَ 117 دفعا بيٽنگ ڪئي ۽ ھڪ سينچري ۽ 38 ففٽين جي مدد سان 4188 رنسون اسڪور ڪيون.
ان کانسواءِ ھن ڪيترائي پليئر دي ميچ، پليئر آف دي ٽورنامينٽ ۽ پليئر آف دي سيريز جا ايوارڊ پنھنجا نالي ڪيا. اِهو ڪوهليءَ جادوءَ ئي آهي جو رائل چئلينجر بئنگلورو بنا ڪنهن ٽرافي کٽڻ جي اڄ به آءِ پي ايل جي سڀ کان مقبول ٽيم آهي.
جديد ڪرڪيٽ جي عظيم بيٽر ويرات ڪوهلي کان 2019 کان 2021 تائين فارم رُسي ويو ۽ هو ان عرصي دوران هڪ به سينچري اسڪور نه ڪري سگهيو، ان دوران سندس خلاف واويلا شروع ٿي ۽ ڪيترن کي اڳوڻن ڪرڪيٽرن چيو ڪوهلي جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي پر هن سڀ کان پهرين ايشيا ڪپ 2021 ۾ افغانستان خلاف سينچري اسڪور ڪئي، پوءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ هن پاڪستان خلاف ميلبورن جي ميدان تي ناقابلِ شڪست 82 رنز جي شاهڪار اننگز کيڏي جنهن ذريعي هن دُنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته جيستائين ويرات ڪوهلي ڪريز تي موجود هوندو ڀارت کي دنيا جي ڪا به ٽيم شڪست نٿي ڏئي سگهي.
ويرات ڪوهلي گذريل سال ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران ڪيئي رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيا هن ٽورنامينٽ ۾ چئن سينچرين جي مدد سان ست سئو کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪيون بدقسمتي سان ڀارت فائنل نه کٽي سگهيو پر ويرات ڪوهلي کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ورلڊڪپ 2024 جي شروعات ۾ ويرات ڪوهلي کان فارم هڪ ڀيرو وري رُسي ويو جنهن سندس جي چاھيندڙن کي منجھائي ڇڏيو. لاگيتو ناڪامين بعد سندس خلاف ٽيم مان نيڪالي جاٿيڻ لڳا، پر فائنل مقابلي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيا ته هو اڄ به وڏين مئچن جو پليئر آهي.
ھن ڀارت کي 2011 واري ورلڊ ڪپ 2013 جي چيمپيئنز ٽرافي ۽ 2024 جو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽرائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ھو ٽي ٽوئنٽي، ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نمبر هڪ پوزيشن ماڻيندڙ واحد ڀارتي ڪرڪيٽر آهي.
ڪوهليءَ جي نالي پٺيان رڪارڊ جي فهرست ايتري ته ڊگهي آهي جو جيڪڏهن لکڻ ويهجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، ويرات ڪوهليءَ رڳو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ڏني آھي، جڏھن ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ مئچز ۾ ھو ٽيم سان گڏ ھوندو.
ڪوھليءَ ڪرڪيٽ جي اندر جيڪو جذبو پيدا ڪيو، ٿي سگھي ٿو اھو وري سالن تائين اسان نه ڏسي سگھون. ڀارتي ٽيم ورلڊڪپ کٽڻ بعد روھت شرما، ڪوهليءَ ۽ جاڙيجا جي رٽائرمينٽ بعد انهن جي کوٽ ضرور محسوس ڪندي. پر ڀارت وٽ ٽيلنٽ جي کوٽ نه آهي ۽ وٽن ٽيلنٽ جو قدر آھي. جھڙي طريقي سان ڪوھليءَ چيو ته نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي.
ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي تان رٽائرمينٽ بعد پنهنجو سمورو ڌيان ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تي ڏيندو، ڀارت هن وقت ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ٽاپ تي آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ سال انگلينڊ ۾ ڀارتي ٽيم لاڳيتو ٽيون ڀيرو فائنل کيڏندي جڏهن ته ان کان اڳ چيمپيئنز ٽرافي ٿيڻي آهي ۽ ڀارت جون سڀ اميدون ڪوھليءَ ۾ هونديون ته هو ويندي ويندي ڀارت کي هڪ ڀيرو وري چيمپيئنز ٽرافي جو ٽائٽل کٽرائي .
نوٽ: هي ليکڪ جي ذاتي راءِ آهي، اداري جو متفق هجڻ ضروري ناهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.