ڪئنسر سان جهيڙيندڙ حنا خان پنهنجون تازيون تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

ڪئنسر سان جهيڙيندڙ ڀارتي اداڪارا حنا خان ڪيموٿراپي کانپوءِ پنهنجي نيون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون.
حنا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مختلف تصويرون پوسٽ ڪيون آهن، جنهن ۾ سندس جسم تي ڪيموٿرپي جا نشان واضح طور تي نظر اچي رهيا آهن.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هن تصوير ۾ اوهان کي ڇا نظر اچي رهيو آهي؟ منهنجي جسم ۾ تي موجود نشان يا منهنجي اکين ۾ اميد؟ .
هن چيو ته هي نشان منهنجا آهن ۽ انهن کي محبت سان قبول ڪريان ٿي ڇو ته هي منهنجي ترقي جا پهريان نشان آهن جيڪي مون لاءِ ضروري آهن.
حنا خان وڌيڪ لکيو ته منهنجي اکين ۾ اميد منهنجي روح جي عڪاسي ڪري رهي آهي، مان هن سفر جي پڄاڻي تي روشني ڏسي سگهان ٿي، مان پنهنجي اوهان جي صحت لاءِ دعاڳو آهيون.
واضح رهي ته اداڪارا حنا خان ڪجهه ڏينهن اڳ انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ ڇاتيءَ جي اسٽيج ٿري جي ڪئنسر ۾ مبتلا آهي.

HinaKhan Bollywood Socialmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.