ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز، پاڪ-ڀارت ۾ سڀاڻي ٽاڪرو، ميچ جون ڪُل ٽڪيٽون وڪرو

برمنگهم ( ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري يعني پاڪ ڀارت ميچ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون.
ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪ-ڀارت ميچ تي سموري دنيا جي شوقينن جون نظرون کتل آهن، ميچ ست جولاءِ ( سڀاڻي ) برمنگهم ۾ کيڏي ويندي جنهن جون سموريون 23 هزار ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.
شوقينن کي پاڪ-ڀارت ميچ ذريعي ماضيءَ جي عظيم رانديگرن کي هڪ ڀيرو وري ايڪشن ۾ ڏسڻ جو موقعو ملندو، ميچ جي حوالي سان ٻنهي ٽيمن جا رانديگر پرجوش آهن.
ان ڏس ۾ ڀارتي چيمپيئنز جي رڪن سريش رائنا جو چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف کيڏڻ سدائين هڪ اعزاز آهي، اسان جي ٽيم پوري طرح تيار آهي ۽ ڀرپور مقابلو ڪنداسين.

WorldChampionshipofLegends PakistanvsIndia YounisKhan YuvrajSingh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.