پاڪستاني باڪسر ڀارتي حريف کي ناڪ آئوٽ ڪري ايشين چيمپين بڻجي ويو

بئنڪاڪ ( ويب ڊيسڪ ) ٿائيلينڊ ۾ٿيل پروفيشنل بائوٽ ۾ پاڪستاني باڪسر شهير آفريدي ڀارتي باڪسر رونت سولنڪي کي شڪست ڏئي ڇڏي، شهير ٽئين رائونڊ ۾ ڀارتي باڪسر کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ٿائيلينڊ ۾ ٿيل پروفيشنلز باڪسنگ جي مقابلي ۾ پاڪستان جي شهير آفريدي ۽ ڀارت جي رونت سولنڪي وچ ۾ پهريون رائونڊ انتهائي دلچسپ رهيو.
ٻئي رائونڊ ۾ شهير آفريدي ڀارتي باڪسر تي حملا ڪري پوزيشن مضبوط ڪري ورتي.
ٽئين رائونڊ جي آخري منٽ ۾ شهير آفريدي ڀارتي باڪسر کي اهڙو مڪو وهائي ڪڍيو هو ٿاٻڙجي پيو ۽ رِنگ ۾ ڪِرندي ڪِرندي بچو، ريفري ڀارتي باڪسر کي ناڪ آئوٽ قرار ڏئي پاڪستاني باڪسر کي فاتح قرار ڏنو.
شهير آفريدي شاندار فتح کانپوءِ پروفيشنل ميڊل ويٽ ڪيٽيگري ۾ ايشين چيمپيئن بڻجي ويو آهي.
ان موقعي تي شهير آفريدي چيو ته هو اي بي ايف ۽ ڊبليو بي سي ايشيا جا ٽائٽل کٽي چڪو آهي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ئي وقت ٽي ايشين ٽائٽل کٽيندڙ باڪسرز جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.

Pakistan India Asianboxingtitle

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.