پرڏيهي وزارت دستاويزن جي تصديق لاءِ اگهه وڌائي ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو آفيس قانوني دستاويزن جي تصديق لاءِ اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، سومر کان پرڏيهي کاتي ۾ قانوني ڪاغذن جي تصديق وارو عمل ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي.
ترجمان موجب، پرڏيهي کاتي طرفان تعليمي سند، قانوني دستاويز ۽ ڪمرشل دستاويز جي تصديق شروع ڪئي ويندي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته شهري ڪاغذن جي تصديق لاءِ پرڏيهي وزارت جي واڪ ان طريقيڪار مان لاڀ هاصل ڪري سگهن ٿا، شهري پرڏيهي وزارت جي لائزن آفيسز سميت لاهور ۽ ڪراچي ۾ به ڪاغذن جي تصديق لاءِ وڃي سگهن ٿا.
ان کانسواءِ پرڏيهي وزارت دستاويزن جي تصديق لاءِ اڳواٽ اپائنٽمينٽ جو شرط پڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزارت طرفان دستاويزن جي تصدي لاءِ نون اگهن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي
فهرست موجب، ذاتي ۽ تعليمي سندن جي في دستاويز جي تصديق لاءِ ٽي هزار رپيا ڏيڻا پوندا ، قانوني دستاويز 4500 رپين ۽ ڪمرشل دستاويز 12 هزار رپين ۾ تصديق ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.