پنجاب ۾ 25 هزار هونهار ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام جي منظوري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب هونهار ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. پنجاب جي وڏي وزير هونهار اسڪالر شپ جو انگ 4 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سرڪاري ۽ 8 خانگي يونيورسٽين مان بي ايس پاس ڪرڻ وارن شاگردن جي فيس جو 100 سيڪڙو اسڪالرشپ ۾ شامل ڪيو ويندو.
جهلم، وهاڙي ۽ بهاولنگر ۾ فوري طور نيون يونيورسٽين ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي. مريم نواز شريف ليپ ٽاپ اسڪيم کي فوري طور جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.
اهڙي طرح شاگردن جي گهٽ انگ وارن ڪاليجن ۾ نوان ڊسيپلين متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جاب مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي رکندي ڊسيپلين متعارف ڪرايا ويندا.
ڊويزنل ڊائريڪٽرن ۽ پرنسپالن جي مقرري لاءِ آن لائن پورٽل سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Punjab CMMaryamNawaz scholarshipprogramme laptopscheme

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.