اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيريسٽر گوهر اسلام آباد ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن عمر ايوب، علي محمد خان، اسد قيصر، رئوف حسن ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو.
بيريسٽر گوهر چيو ته اسان سياسي ڪاميٽي جو اجلاس گهرايو، جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيوسين.
هن چيو ته اسان قانون جو سهارو وٺندي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، اجازت وٺي جلسو ڪنداسين، حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، تحريڪ انصاف جو جلسو عاشورن کانپوءِ ٿيندو.
پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته ملڪ ۾ گوننس نالي ڪا شئي ناهي.
اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسان جا اپوزيشن ليڊر پارليامينٽ جي نمائندگي ڪندا رهندا، عمر ايوب کي پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نه ڏنو ويو، آئيني ۽ قانوني جنگ جاري رکنداسين، پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڇو چپ آهي؟ پنهنجو ٻٽو معيار ختم ڪري.
You might also like