ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي هڪ رپيو 67 پيسا سستي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 67 پيسا سستي ڪري ڇڏي. ماهوار  فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. ٽيرف ۾ گهٽتائي هلندڙ مهيني جي بلن تي لاڳو هوندي جڏهن ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

  1. ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس جو نئون ڪيس، انگ 14 ٿي ويو

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي فاطما جناح اسپتال ۾ ڪانگو وائرس جو نئون ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ ڪانگو وائرس جي  تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 ٿي ويو. اسپتال انتظاميا موجب 18 سالن جي نوجوان ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي، مريض کي گذريل ڏينهن فاطما جناح اسپتال آندو ويو هو. هلندڙ سال ڪانگو وگهي 3 مريض فوت پڻ ٿيا آهن.

  1. ڪراچي ۾ ڌار ڌار فائرنگ واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پياا. لانڍي نمبر ون  سيڪٽر سي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا  ناظم خان ولد پير خان، فرقان ولد شريف ۽ محمد اشرف ولد عبدالجبار زخمي ٿيا. ڪورنگي نمبر 6 سيڪٽر 51 B راڄپوت ڪالوني جي ڀرسان گھر ۾ نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت شاھين زال راڻا عثمان زخمي ٿي پئي. سھراب ڳوٺ جي علائقي نيو ڪراچي ايوب ڳوٺ راجپل محلا ۾ ڇرين جي وار سان حبيب الرحمن ولد عزيز الرحمن زخمي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.