ڪراچي ۾ مسجد جي ڇت تي قائم گٽڪا فيڪٽري تي ڇاپو، منشيات هٿ

ڪراچي (رپورٽر)شاهجهان آباد جي رضويا سوسائٽي ٿاڻي جي حد ۾ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو.  شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته اها جاءِ مسجد انتظاميا اشفاق نالي شخص کي ڪرائي تي ڏني هئي، اشفاق نالي شخص پنهنجي گهر جي تقريب جي بھاني  تي اها جاءِ ڪرائي تي ورتي ھئي ۽ بعد ۾ ان کي گٽڪا ماوا جي فيڪٽري طور استعمال ڪري رهيو هو. پوليس ڇت تان گٽڪا ماوا ٺاهڻ جو سامان ۽ مشينري هٿ ڪري ورتي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.