ڪنزرويٽو پارٽي جي 14 سالا اقتدار جو خاتمو، اسٽارمر برطانيا جو وزيراعظم بڻجي ويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم ڪئير اسٽارمر چيو آهي ته هن ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
برطانوي وزيراعظم جي رهائشگاهه ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئير اسٽارمر چيو ته هو هينئر شاهي محل مان واپس آيو آهي ۽ هن بادشاهه چارلس طرفان ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
هن چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي عوام تبديلي ۽ نواڻ لاءِ فيصلائتو ووٽ ڏنو آهي.
برطانوي وزيراعظم چيو ته دنيا سنگين چئلينجز منهن ڏئي رهي آهي، برطانيا کي هڪ ڀيرو وري رهنمائي ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين.
سندس چوڻ هوته اوهان جي حڪومت هر شهري کي احترام جي نظر سان ڏسندي، اوهان جو واسطو ڪهڙي به پارٽي سان هجي حڪومت سڀني لاءِ ڪم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.