لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا جي عام چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي بدترين شڪست کانپوءِ رشي سونڪ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي گڏوگڏ پارٽي جي سربراهي تان هٿ کڻي ورتو آهي.
برطانيا ۾ ڪنزرويٽو جو 14 سالا اقتدار ختم ٿي ويو جتي وقت کان اڳ ٿيل عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي فتح حاصل ڪري ورتي آهي جنهن کانپوءِ سر ڪيئر اسٽارمر نئون وزيراعظم بڻجي ويو آهي.
برطانيا ۾ عام چونڊن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي جتي 650 مان 648 سيٽن جا نتيجا سامهون آيا آهن ۽ ليبر پارٽي 412 سيٽون کٽي چڪي آهي، جڏهن ته ڪنزرويٽو 121 ۽ لبرلز 71 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
چونڊن ۾ شڪست پنهنجي الوداعي خطاب ۾ رشي سونڪ پارٽي ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نئون ليڊر اچڻ تائين ذميواري ادا ڪندو رهندس.
خطاب دوران رشي سونڪ چيو ته عوام جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جو احساس آهي، نقصان جي ذميواري قبول ڪيان ٿو.
هن اميدوارن ۽ چونڊ مهم هلائيندڙن کان معذرت ڪئي ۽ سمورين ساٿين جا ٿورا مڃيا.
رشي سونڪ چونڊن ۾ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ اسٽارمر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو چونڊن ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪري ٿو.
هن چيو ته برطانوي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪو آهي، اڄ پر امن ۽ منظم انداز ۾ اقتدار جي تبديلي ٿيندي، هي اِها شئي آهي جيڪا اسان کي پنهنجي ملڪ جي استحڪام ۽ مستقبل ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪرڻ گهرجي.
رشي سونڪ چيو ته چونڊ نتيجن ذريعي اسان وٽ سکڻ ۽ غور ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ مان شڪست جي ذميواري قبول ڪيان ٿو.
برطانوي سياست تي گهري نظر رکندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سياسي عدم استحڪام دوران پنج وزيراعظم جي تبديلي کي ڪنزرويٽو پارٽي جي شڪست جو سبب بڻيو.