ملڪ جي راڄڌاني واري شهر ۾ پيٽرول واريون موٽرسائيڪلون خريدڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد کي عالمي معيار جو شهر بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪري ورتا.
گهرو وزير محسن نقوي وفاقي راڄڌاني ۾ پيٽرول واريون موٽرسائيڪلز خريڊن تي پابندي لاڳو ڪندي چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي جي روڪٿام لاءِ سي ڊي اي اڳتي رڳو اليڪٽرڪ بائيڪس خريد ڪندي ۽ اسلام آباد جي شهرين لاءِ ماحول دوست اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون.
هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين کي عالمي معيار جون ايمرجنسي سروسز فراهم ڪيون وينديون ۽ ايمرجنسي سروسز کي ايم سي آءِ کان سي ڊي اي کي منقتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
گهرو وزير موجب، ڪيپٽل واسا جو قيام پڻ جلد عمل ۾ آندو ويندو، ڪيپٽل ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني جي قيام لاءِ لاڳاپيل معاملن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.