برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 30 رنسن تان مات ڏئي مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي.
برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شعيب ملڪ 54 رنز ٺاهي نمايان رهيو، ان کانسواءِ شرجيل خان 35، عامر يامين 29 ۽ شاهد آفريديءَ 16 رنسون ٺاهيون.
195 رنسن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز چيمپيئنز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهي سگهي، ڊوائن سمٿ 65 ۽ جوناٿن ڪارٽر 34 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان سهيل تنوير چار وڪيٽون ورتيون جڏهن ته شاهد آفريدي 3، وهاب رياض 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
You might also like