پاڪستان 21 ورهين بعد ٽه ملڪي سيريز جي ميزباني ڪندو، شيڊيول پڌرو

پاڪستان ٽيم 2024-25 دوران ڪهڙن ڪهڙن ملڪن خلاف سيريز کيڏندي؟ تفصيل سامهون اچي ويا
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان قومي مينز ٽيم انٽرنيشنل هوم سيزن 2024-25 جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.
2024-25 دوران هوم گرائونڊ تي بنگلاديش، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ست ٽيسٽ ميچون شيڊيول آهن ، ٽيسٽ ميچون ڪراچي، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ کيڏي وينديون.
هوم سيزن دوران پاڪستان 21 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي ميزباني پڻ ڪندو، ٽه ملڪي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون حصو وٺنديون، وينديون، ٽه ملڪي سيريز 8 کان 14 فيبروري تائين ملتان ۾ کيڏي ويندي.
19 فيبروري کان نوَ مارچ تائين پاڪستان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ميزباني ڪندو ۽ پوءِ سال جي آخر ۾ قومي ٽيم آسٽريليا، زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي.
بنگلاديش، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ اختيارين پاڪستان اچي کيڏڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي، بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم خلاف سندس سرزمين تي کيڏڻ چئلينج کان گهٽ نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.