امباڻي فيملي جسٽن بيبر تي هڪ رات ۾ ڪروڙين رپيا اڏائي ڇڏيا

ڀارتي امير ترين شخصيت مڪيش امباڻي ۽ نيتا امباڻي جي سڀ کان ننڍي پٽ اننت امباڻي هلندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وڃي رهيو آهي.
امباڻي ۽ مرچنٽ خاندان طرفان اننت ۽ راڌيڪا جي شادي جي سلسي ۾ اڄ ٿيندڙ تقريب ”سنگيت“ جو اهتمام ڪيو ويندو.
انهي تقريب ۾ عالمي شهرت رکندڙ ڪئناڊين فنڪار جسٽن بيبر پرفارم ڪندو.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جسٽن بيبر اننت امباڻي ۽ راڌيڪا جي سنگيت تقريب ۾ چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ڀارت پهچي ويو آهي.
جسٽن بيبر انهي ڀارتي شادي ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ جيڪو معاوضو ورتو آهي اهو آمريڪي مشهور فنڪارا ريحانا ۽ بيونسي کان به گهڻو وڌيڪ آهي.
انسٽيٽ بالي ووڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جسٽن بيبر پنهنجي پرفارمنس لاءِ 10 ملين آمريڪي ڊالرز بطور معاوضو وصول ڪري رهيو آهي جيڪو ڀارتي رپين ۾ 84 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو.
ڀارتي خابرو اداري موجب شادي تقريبن ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ امباڻي فيملي برطانوي فنڪارا اڊيل، ڪئناڊين ريپر ڊريڪ ۽ آمريڪي فنڪارا لانا ڊريل سان به رابطي ۾ آهي.
امڪاني طور تي اهي سمورا فنڪار 12 کان 24 جولاءِ تائين ٿيندڙ شادي جي سلسلي ۾ ڀارت ايندا.
India AmbaniFamily JustinBeber

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.