اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته 5 جولاءِ تي اقتدار جي بکايل آمر ضياءَ آئيني ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري قبضو ڪيو.
پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع قوم جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن نقصان جو ازالو اسان ڪڏهن به نه ڪري سگهيا آهيون.
هن چيو ته آمر ضياءَ مذهب جي آڙ ۾ ملڪ ۾ انتهاپسندي ٻج ڇٽيو، ڊڪٽيٽر ضياءَ ملڪ کي دهشتگردي، ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي ڪلچر جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته شهيد ڀٽو جو ڏوهه اهو آهي ته هو هڪ بهادر ۽ مقبول ترين ليڊر هو، جمهوريت جو مطالبو ڪندڙن تي جنرل ضياءَ جي ظلمن تي انسانيت به شرمسار آهي.