لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز لاهور جي علائقي لبرٽي، مين مارڪيٽ،مني مارڪيٽ،حالي روڊ جي علائقي ۾ ٽرام هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
لاهور ۾ وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز ايل ڊي اي هيڊڪوارٽرز پهچي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ مريم نواز غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن جي لسٽ گهري ورتي.
مريم نواز چيو ته هر هائوسنگ اسڪيم جو جائزو وٺي ريگيولر ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ پنجاب ڊويلپمنٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اصولي فيصلو به ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ايم عالم روڊ جي ري ماڊلنگ، بيوٽيفڪيشن جي به منظوري ڏني وئي.
وزير اعليٰ جو چوڻ هو ته لبرٽي، مين مارڪيٽ،مني مارڪيٽ،حالي روڊ جي علائقي ۾ ٽرام هلائي ويندي، مينار پاڪستان ۽ چائنا اسڪيم جي اسپورٽس ڪمپليڪس جي جلد تڪميل جي هدايت ڪئي آهي.
Lahore MariyumNawaz CMPunjab