ڀارت جي نئين ٺهندڙ پارليامينٽ جي لوئر هائوس جي پهرين اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي مودي سرڪار جي ھندو پرستي ۽ مسلم، سک، جين، عيسائي دشمن روين تي سندس قدامت پرست ھندو توا پاليسي تي ڪيل تقرير تي نه رڳو ايوان ۾ پر سوشل ميڊيا تي به ھڪ وڏو بحث شروع ٿي ويو آهي. راھول گانڌي واري انھيءَ تقريرمودي سرڪار جي اھڙي ته پت وائکي ڪئي آھي جنھن مودي ۽ سندس قدامت پرست ھندو توا ڪٽرپڻي واري ڪڌن طور طريقن دنيا کي اڳيان اگھاڙو ڪري ڇڏيو آھي جنھن سان مودي ۽ سندس پارٽي کي ظلمن کي روڪڻ لاءِ صحيح ۽ وقتائي پيرڊ ۾ روڪڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي آھي ان انڊيا سميت سڄي دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آھي ته مودي ۽ سندس ڪارندن اصل چھرو ڪھڙو آھي ھو اقليتن سان ڪھڙو سلوڪ ڪن ٿا.
راھول گانڌي جيڪو گانڌي خاندان جو چشم چراخ آھي نڊيا ۾ سندس وڏن جون قربانيون آھن پر گذريل ڪجھ سالن کان کيس اقتدار کان پري رکيو ويو خاص ڪري 2014 کان مودي سرڪار بي جي پي لڳاتار ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ آئي آھي ان جي اچڻ جو وڏو سبب ھندو پرستي کي پروان چاڙھي اقليتن کي دٻائڻ آھي جنھن ڪري خوف م ورتل اقليت نه چاھيندي مرڻ جي خوف کان آواز نٿو اٿاري سگھي ووٽ بي جي پي جي مرضي مطابق ڏيندو رھيو آھي پر ھن واري ڪافي ھندن ڪانگريس کي ووٽ ڪري ھڪ مضبوط اپوزيشن ٺاھي ورتو آھي انڪري راھول گانڌي به مودي جي ان سڀني ڪوتاھين کي دنيا کي ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو تازي راھول واري تقرير
وزير اعظم نريندر مودي کي ڇرڪائي ڇڏيو جنھن تي ھو اٿي بيٺو پر تقرير روڪڻ لاءِ ھن ٻه ڀيرا مداخلت ڪئي. ايترو ئي نه پر مرڪزي حڪومت جي پنجن وزيرن به پنهنجين سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو. انهن وزيرن ۾ گهرو وزير اميت شاه، وزير دفاع راجناٿ سنگھه، ماحوليات واري وزير ڀوپندرا ياديو، زراعت واري وزير شيوراج سنگهھ چوهان ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ڪرن رجيجو شامل آهن. جيتوڻيڪ راهول گانڌي جي تقرير جا ڪجهھ حصا پارليامينٽ جي ڪارروائي مان حذف ڪيا ويا، پر اتي. دنيا حيران آھي جو آخر راهول گانڌي پنهنجي تقرير ۾ ڇا چيو جنھن تي مودي ۽ سندس وزيرن جا ڪن کڙا ٿي ويا مين ڳالهھ مذھب دشمن مسلم ڪش بي جي پي سرڪار جي حوارين کي ان مھل ڪافي گھڻي تڪليف ٿيڻ لڳي جڏھن راهول گانڌي جي. پنھنجي تقرير ۾ پيغمبر اسلام جي. حسن اخلاق ۽ اصلاحي پھلوئن تي ڳالھايو ۽ بي جي پي جي مسلم ڪش پاليسين کي رد ڪيو. ھن ان کان سواءِ ڪيترن ئي مسئلن تي ڳالهايو، پر پيغمبر اسلام جي ڳالھه ڪري ھن بي جي پي جي ککرن م ڄڻ کڙو ھڻي ڇڏيو جنھنڪري چؤطرف کان چيلاٽن کيس گھيري ورتو بھرحال ھو آخر تائين بي جي پي، وزيراعظم مودي ۽ سندس پاليسين تي تنقيد ڪندي رھيو،
تقرير دوران، وزيراعظم نريندر مودي اٿي بيٺو ۽ چيو ته”هي موضوع تمام سنجيده آهي.” سڄي هندو سماج کي پرتشدد سڏڻ انتهائي سنگين عمل آهي.جنهن تي راهول جواب ڏنو ته نريندر مودي سڄو هندو سماج ناهي. بي جي پي پوري هندو سماج ناهي. آر ايس ايس سڄي هندو سماج ناهي ماڻهو هندو مذهب جي خلاف نه پر ان جي غلط استعمال جي خلاف آهن.
ڏٺو وڃي ته گذريل 20 سالن کان ڀارت ۾ بي جي پي حڪومتن نفرتن جو ٻج ڇٽيو آھي ھندن ھٿان مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جو قتل عام شروع آھي بڙودا ريلوي سانحو ھجي بابري مسجد جو مسئلو ھريانا ۾ مسلمانن کي زبردستي ھندو ڪرڻ ھجي ڍڳي ڪھڻ جي. ڊرامن تحت قتل ھجن يا ڪشمير ۾ انڊيا فوج پاران ڪشميرين جي قتل عام عورتن سان ريپ ڪري حامله ڪرڻ يا زوري شادي رچائي مذھب مٽائڻ ھجي انھن واقعن اقليتن خاص ڪري مسلمانن جو. جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ھو بي يارو مددگار آھن ان ڪري راھول جي تقرير انھن جي ٿوري گھڻي دل کٽي ورتي آھي.
ڏٺو وڃي بي جي پي جي ڪيترن ئي حڪومتي وزيرن ايوان اندر راهول گانڌي جي تقرير جي مخالفت ڪئي جڏهن ته ايوان کان ٻاهر ڪيترائي حڪومتي وزير به راهول گانڌي جي تقرير جا مختصر ڪلپس شيئر ڪري مٿس هندو مخالف هجڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن.
2014 کان وٺي اپوزيشن ڪمزور رھي آھي پر ھن واري ڪانگريس 99 سيٽون حاصل ڪري مضبوط اپوزيشن جي صورت ۾ سامھون آيو آھي مبصرن جو چوڻ آهي ته سندس مقرري هندستان جي جمهوريت لاءِ هڪ مثبت تبديلي آهي پر ڏسڻو اھو آھي انڊيا ۾ اقليتن خاص ڪري مسلم جيڪي وڏي عتاب ۾ آھن انھن جو تحفط يقيني ٿي سگھندو؟
راھول گانڌي جو پارلياميٽ ۾ پيغمبر اسلام جي تعريف، مودي ۽ سندس ٽيم کي اٿاري ڇڏيو
تحرير: خدا بخش بروھي
Prev Post
Next Post
You might also like