اسلام آباد ۽ ماسڪو وچ ۾ لاڳاپا بهترين سطح تي آهن: روسي صدر

آستانا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر سان ملاقات ٿي آهي، روسي صدر چيو ته اسلام آباد ۽ ماسڪو وچ ۾ لاڳاپا بهترين سطح تي آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن جي بدولت ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائي سگهون ٿا. اهڙي طرح غذائي تحفظ جي شعبي ۾ به پاڪستان سان تعاون ۾ اضافو ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪونسل آف بيڊز  آف اسٽيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانا پهتو جتي هن روسي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا جيو پوليٽيڪل صورتحال کان متاثر نه ٿيندا. اسان روس سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چونڊن ۾ ڪاميابي تي به روسي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.