اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ مالي سال لاءِ نئين بجيٽ ۾ 2200 شين تي واڌو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. فنانس بل ۾ گاڏين جي پُرزن تي ٻه سيڪڙو، امپورٽڊ گاڏين جي بيٽرين تي ٻه سيڪڙو ۽ زرعي ٽريڪٽرز جي ٽائرن ۽ ٽيوب تي ٻه سيڪڙو ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.ان کانسواءِ هزار سي سي کان مٿي گاڏين تي ٻه سيڪڙو، امپورٽڊ اليڪٽرڪ گاڏين، اليڪٽرڪ رڪشن ۽ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن تي ٻه سيڪڙو واڌو ڊيوٽي لڳائي وئي آهي جڏهن ته بلڊرز ۽ ڊيولپرز جي مختلف اوزارن/ڊيوائسز تي ٻه سيڪڙو ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.