وفاق پاران اسٽيل ملز بند ڪرڻ جو فيصلو،سنڌ حڪومت پنهنجي مل لڳائيندي

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري موجب سنڌ حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي جاءِ تي پنهنجي اسٽيل ملز لڳائيندي، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي اسٽيل ملز جي 700 ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. هن چيو گذريل سال خبر پئي ته ان جو ڪو خريدار موجود ناهي، 700 ايڪڙن کانسواءِ زمين صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت اسٽيل ملز هلائڻ لاءِ نئون پلانٽ قائم ڪندي، اسٽيل ملز جي زمين مان ساڍا 4 هزار ايڪڙ اسپيشل اڪنامڪ زونز کي ليز تي ڏنو ويندو. هوڏانهن چيف فنانشنل آفيسر عارف شيخ چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز ملازمن جو ساليانو پگهارن جو ڪاٿو 31.1 ارب آهي، 10 سالن ۾ اسٽيل ملز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ 32 ارب ادا ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته 10 سالن ۾ اسٽيل ملز ۾ 7 ارب رپين جي گئس استعمال ٿي چڪي آهي، سياسي ڀرتين ۽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ پاڪستان اسٽيل ملز کي ٻوڙيو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت 2010 ۾ ان وقت جي 4500 ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو چيو، 2010 ۾ ساڍا 4 هزار ملازمن کي مستقل ڪرڻ سان لاڳت ۾ ٻه ارب رپين جي واڌ ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.