ڏهرڪي (رپورٽ: منصور پيرزادو)ڏهرڪي جي نرلي مائنر پل لڳ ڳوٺ چوڌري ارشد ۾ ڳوٺ جي لنگھه تان گذرڻ کان منع ڪرڻ تي گرگيج برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران فائرنگ ٿيڻ سبب هڪ نوجوان الطاف گرگيج گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي مارجي ويو. اھڙو اطلاع ملڻ تي ڏھرڪي پوليس مقتول جو لاش واقعي واري ھنڌ کان کڻائي ڏھرڪي اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ مقتول نوجوان جي سئوٽ نديم گرگيج ٻڌايو ته اسان ٻئي سئوٽ پنھنجي رستي سان زمين تي پاڻي ورائڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا سين ته عثمان گرگيج ھڪل ڪندي الطاف گرگيج مٿان بندوق جا فائر ڪري الطاف کي قتل ڪري پاڻ فرار ٿي ويو. ھن چيو ته منھنجو سئوٽ ناحق قتل ڪيو ويو آھي ان ڪري پوليس کان قاتل جي فوري گرفتاري جي گھر ڪريون ٿا. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڏھرڪي ٻڌايو ته گرگيج برادري جي ٻن ڌرين ۾ لنگهه تان جهيڙو ٿيو، جنھن ۾ الطاف گرگيج مارجي ويو آھي. ٻئي طرف مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا.