ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي، هيڊ ڪوچ به رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رانديگرن جو مستقبل داءَ تي لڳل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستني ٽيم جي بدترين ڪارڪردگيءَ تي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن به پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.
ذريعن موجب، گيري ڪرسٽن ” ڪانديڊنشل “ رپورٽ ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي موڪلي ڇڏي جڏهن ته سينيئر مئنيجر وهاب رياض به ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي چڪو آهي.
هيڊ ڪوچ طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، هن رانديگرن جي ڊسپلن، راند بابت آگاهي سميت بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون آهن.
وائيٽ بال فارميٽ جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن رانديگرن جي فٽنس تي پڻ سوال اُٿاريا آهن.
ذريع موجب، پي سي بي چيئرمين گيري ڪرسٽن جي رپورٽ جو جائزو وٺي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ اعليٰ عهديدارن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرز سان مشاورت ٿيندي، جنهن کانپوءِ رانديگرن جي مستقبل بابت فيصلو ڪيو ويندو.

PCB Pakistancirkcetteam T20Worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.