ڪراچي ۾ 60 گز تي قائم 4 ماڙ عمارت چٻي ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلديه ٽائون گلشن مزدور ۾ 60 گز تي قائم 4 ماڙ عمارت چٻي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ متاثر عمارت ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي به خالي ڪرايو ويو.
ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون گلشن مزدور ۾ 4 ماڙ عمارت چٻي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اطلاع ملڻ تي اسسنٽ ڪمشنر ٽيم سان گڏ پهچي ويو.
متاثر عمارت ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي به خالي ڪرايو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ايس بي سي اي ٽيم جي رپورٽ کانپوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين.
ايس بي سي اي جي ٽيم متاثر عمارت جو معائنو ڪرڻ لاءِ رواني ٿي وئي، 60 گز تي قائم عمارت ڏيڍ سال اڳ تعمير ڪئي وئي هئي.

karachi ppp sbca

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.