رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پاڪستاني سياحن لاءِ وزٽ ويزا جي شرطن ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي.
سعودي عرب طرفان جاري ڪيل نون شرطن تحت هاڻ پاڪستاني سياح سعودي وزٽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ 750 آمريڪي ڊالر ماهوار ڪريڊٽ يا ان جي برابر رقم تي ٻڌل بئنڪ اسٽيٽمينٽ جمع ڪرائي سگهن ٿا.
گذريل سال سعودي عرب جو دورو ڪندڙ پاڪستانين جي انگ ۾ 43 واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي ۽ 2024 ۾ 27 لک پاڪستاني سياحن جي سعودي عرب آمد جو امڪان آهي.
سياحن جي وڌندڙ انگ کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملتان ۾ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن جتي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف خدمتون فراهم ڪيون وينديون آهن، ڊگهي انتظار کان بچڻ لاءِ مسافر پنهنجي دوري کان پهرين لاڳاپيل ويب سائيٽ ذريعي خدمون حاصل ڪري سگهن ٿا.
سعودي عرب پاڪستانين لاءِ ٽرانزيٽ ويزا جي سهولت پڻ متعارف ڪرائي رهيو آهي جيڪا مخصوص ايئر لائنز جي ذريعي سعودي عرب ايندڙ مسافرن لاءِ دستياب آهي، ان ويزا ذريعي سياح 96 ڪلاڪن تائين سعودي عرب جو دورو ڪري سگهندا، ان کانسواءِ انهن مسافرن لاءِ آن ارائيول ويزا دستياب آهي جنهن وٽ برطانيا، آمريڪا شينگن ويزا آهي.
سعودي عرب گذريل سال پاڪستاني مسافرن لاءِ هڪ سالا ملٽي پل انٽر ويزا به متعارف ڪرائي آهي، ان ويزا تحت مسافر هڪ سال جي مدت ۾ سعودي عرب هڪ کان وڌيڪ دورا ڪري سگهندا ۽ عمرو جي سعادت پڻ هاصل ڪري سگهندا.
You might also like