آستانا ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر ولاديمر پيوٽن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان جي راڄڌاني آستانا پهتو جتي سندس روسي صدر پيٽون سان ملاقات پڻ ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر پيوٽن سان ملاقات ڪري ڏاڍو سٺو لڳو، پاڪستان جا روس سان گڏيل لاڳاپا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيو پوليٽيڪل صورتحال سان متاثر نه ٿينداسين، روس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڪم جاري رکنداسين، روس تان واپار کي هڪ ارب ڊالرز تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.
وزيراعظم روسي چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيوٽن کي واڌايون به ڏنيون.
ٻئي پاسي روسي صدر والاديمر پيوٽن وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته اوهان سان ٻيهر ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻه سال اڳ اسان ايس سي او اجلاس جي موقعي تي سمرقند ۾ مليا هئاسين، اسان ٻه طرفن معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
روسي صدر چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، واپاري رابطن جي مدد سان ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آيندي، توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجو سهڪار وڌائي سگهون ٿا، غذائي تحفظ واري شعبي ۾ به پاڪستان سان سهڪار وڌائينداسين.
pmshehbazsharif Vladimirputin shanghaicooperatioorganization