چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ شوقينن کي هڪ ڀيرو وري پاڪ-ڀارت ٽاڪري جو بي صبري سان انتظار آهي.
چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ بابت ڀارتي ميڊيا جي آءِ سي سي بورڊ آف ميمبر سان گفتگو جي حوالي سان رپورٽ سامهون آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ پهرين مارچ 2025 تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جون سموريون ميچون لاهور ۾ شيڊيولڊ آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول منظوري لاءِ آءِ سي سي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پاڪستان جي شيئر ڪيل شيڊيول کي اڃا تائين ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ منظوري ناهي ڏني، سيڪيورٽي ۽ لاجسٽڪل مسئلن سبب ڀارت سموريون ميچون لاهور ۾ ڪڳرائڻ جي تجويز ڏني وئي.
ميگا ايونٽ جي ڄاڻايل شيڊيول ۾ گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن، گروپ بي ۾ انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ افغانستان کي رکيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، سمورن ميمبرز ملڪن طرفان آءِ سي سي کي پنهنجي سپورٽ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان نوَ مارچ تائين جي تاريخ تجويز ڪئي وئي آهي، ڏهه مارچ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ريزرو ڊي طور رکيو ويو آهي.

CT PAKvsIND PCB BCCI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.