ملڪ ۾ سون سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون اٺ سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک ٻائيتاليهه هزار ٽي سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 686 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 7 هزار 733 رُپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 21 ڊالر چاڙهه بعد 2 هزار 325 ڊالرز جو ٿي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت 20 ڊالرز واڌ بعد 2 هزار 345 ڊالرز في اونس آهي.

Gold Pakistan Goldrate

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.