ڪنڌڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، 2 پوليس اهلڪار شهيد، ٻه زخمي ٿي پيا. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، چئن ڌاڙيلن کي زخمي ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي.
پوليس موجب ڪچي ۾ ددڙ چيڪ پوسٽ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾چوڪيءَ تي موجود 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا، ڌاڙيل فائرنگ ڪندي ڪچي طرف فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس جوابي ڪارروائي ڪئي.
پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀيو گينگ جو سربراهه احمدو ڀيو مارجي ويو، جڏهن ته 4 ڌاڙيل پڻ زخمي ٿي پيا، وڏي وزير مراد علي شاهه حملي جي مذمت ڪئي ۽ آءِ جي کي واقعي جي تفصيلي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
شهيد اهلڪار ۾ نوشهروفيروز جو رهواسي نثار ڪلهوڙو ۽ ڪنڌڪوٽ واسي الله ڏنو سبزوئي شامل آهن، اهلڪار جا لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائين بعد اباڻن گهرن ڏانهن روانا ڪيا ويا.
Pakistan SindhGovt SindhPolice
Prev Post
You might also like