چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چاهي ٿوته معاملا ٽنگيل رهن: پي ٽي آءِ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آ ءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن چيو آهي ته چيف جسٽس چاهي ٿو ته معاملا ٽنگيل رهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رئوف حسن چيو ته عدالت جو جيڪو رويو آهي اِهو انتهائي غلطي آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چاهي ٿو ته معاملا ٽنگيل رهن.
هن چيو ته هيومن رائٽس جي پاڪستان جي حوالي سان جيڪا رپورٽ آهي، ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ سدائين اهڙي قسم جي رپورٽن جي آجيان ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته انهن رپورٽن جو مطلب اندروني معاملن ۾ مداخلت نه پر سچائي کي منظرِعام تي آڻڻ آهي.
هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾جيڪا جهموريت آهي، اسان ان کي قبول نٿا ڪريون، رياستي ادارن ۽ عوام وچ ويڇا وڌي ويا آهن، آئين ڏنل حق عوام کي ڏنا وڃن .
رئوف حسن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري غير آئيني آهي، کيس ترت آزاد ڪيو وڃي، ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي تي عمران خان سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ڪا جسٽيڪفيشن نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ باني عوام وچ ۾ هجي ۽ قوم جي رهنمائي ڪري.
سندس چوڻ هو ته سمورن مسئلن جو حل عمران خان ئي آهي جيڪو اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، هن کانسواءِ ڪنهن وٽ به مسئلن جو حل نه آهي.

CJ ImranKhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.