غوثپور /بڊاڻي(رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي + مقبول مڙل) پنج ڏينھن اڳ نتيش ڪمار سنجي ڪمار سميت ٽن ھندو نوجوانن جي بازيابي لاءِ ھندو پئنچايت، جي يو آءِ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان مکي سريش لعل تلريجا، سيد بشير احمد شاھه، صفيع الله لاشاري، سيد سليم شاھه جيلاني، حبيب رحمان شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مندر چوڪ کان ريلي ڪڍي مين انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڪشمور ضلعي جي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، روڊ بلاڪ هجڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون، مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي جي پوليس گذريل 5 ڏينھن کان اسان جا مغوي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. ٻئي پاسي هندو پئنچائت جي اڳواڻ ڊاڪٽر سريش صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شام تائين جيڪڏهن اسانجا مغوي بازياب نه ٿيا ته سڀاڻي ٽنهي مغوين جي بازيابي لاءِ سڄو ڏينهن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو. هوڏانهن بڊاڻي ۾ به هندو واپاري اڳواڻن پنهنجا ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.