اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ مولانا فضل الرحمان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چونڊون 2029 ۾ ٿينديون.
هڪ بيان ۾ سڌ سماءُ واري وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان بزرگ ۽ قابل احترام سياستدان آهي، مولانا کي حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين کي ساراهڻ گهرجي جنهن سبب اسٽاڪ ايڪسچئنچ مارڪيٽ تاريخي بلندي تي آهي.
هن چيو ته مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، واپاري خسارو گهٽ ۽ رپئي جي قدر مستحڪم ٿي رهي آهي، هي وقت بيان بازي جو نه آهي، سياست پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي امير مولانا فضل الرحمان نئين چونڊ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سياسي معاملن ۾ مداخلت فوج جي حلف جي ابتڙ آهي، اهڙي مداخلت قبول نه ٿا ڪري سگهون.
فضل الرحمان چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ ڪنهن باضابطه اتحاد جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن دفاع جو مسئلن هجي ته قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته سياسي معاملن ۾ نثار ان جي حلف جي نفي آهي، اسان هن مداخلت کي قبول نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته عزم استحڪام آپريشن ڪامياب نه ٿيندو، ڇو ته رد الفساد آپريشن تائين سمورن آپريشنز ۾ دهشتگردي جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته مسئلو ڪنهن سياسي پارٽي کي راضي ڪرڻ جو ناهي، پرامن ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، اسان جا مطالبا انتهائي سنجيده آهن، جيڪڏهن اسان سان ڳالهين ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڀليڪار ڪنداسين.
پي ٽي آءِ قيادت ۾ هڪڙي موقف جو فقدان آهي، هن چيو ته اڄ به اسان پنهنجي هاڪاري روين تي قائم آهيون، پي ٽي آءِ سربراهه اڃا تائين ڪنهن به ڳالهين واري ٽيم جو اعلان نه ڪيو آهي.
فضل الرحمان چيو ته آمريڪي ڪانگريس 8 فيبروري جي چونڊن کي شڪي قرار ڏنو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي رياست ڪٿي بيٺي آهي، پرڏيهي پاليسي ڪٿي بيٺي آهي، ڇا اها پاڪستان جي سفارتي ناڪامي ناهي، ڇا اها پاڪستان جي لابنگ جي ناڪامي ناهي؟
هن وڌيڪ چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ ڪنهن باضابطه اتحاد جو انتظار ڪرڻ بغير پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
Pakgovt JUI maulanafazalurrehman NewElection