ٽِڪ ٽاڪ تي پابندي جي درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) وڊيو شيئرنگ ايپ ٽِڪ ٽاڪ طرفان سروس بند ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو ويو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس کي ٽِڪ ٽاڪ جي هيڊ آف پبلڪ پاليسي اينڊ گورنمينٽ ريليشنز جو خط موصول ٿيو آهي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽِڪ ٽاڪ تي مبينا طور توهينِ جوڳو مواد اَپ لوڊ ٿيڻ جون خبرون اسان تائين پهتيون آهن جنهن تي ٽِڪ ٽاڪ پي ٽي اي کي اهڙو مواد هٽائڻ لاءِ خاص پورٽل ڏنو پر پي ٽي اي طرفان توهين جوڳو مواد رپورٽ ناهي ڪيو ويو .
خط جي متن موجب، خبرون اچڻ کانپوءِ ٽِڪ ٽاڪ پاڻ پي ٽي اي کي توهين جوڳو مواد رپورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ پورٽل تي رپورٽ ٿيل توهين جوڳي مواد کي ٽِڪ ٽاڪ بلاڪ ڪيو آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ توهين جوڳي مواد بابت ٽِڪ ٽاڪ جي پاليسي سخت آهي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم توهين جوڳي مواد بابت مقامي قانونن جي پاسداري ڪري ٿو، جڏهن ته ٽِڪ ٽاڪ طرفان عدالتي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ بابت ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو .
پشاور هاءِ ڪورٽ ٽِڪ ٽاڪ جي بند ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

PTA  TikTok  PHC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.