اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ 2018 ۽ 2024 ۾ مخصوص سيٽون ڪيئن الاٽ ڪرڻ جو فارمولو ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا آهن.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان سلسلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران عدالت 2018 ۽ 2024 ۾ مخصوص سيٽون ڪيئن الاٽ ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا.
چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪو غير آئيني ڪم ڪيو آهي ته ٻڌايو، اليڪشن ڪميشن جي ڪو به حيثيت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي جيستائين ڪيس نه ايندو اسان نظرثاني نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته هر اليڪشن ۾ هڪ ئي ڳالهه ٿيندي آهي، ڪنهن اڄ تائين ناهي چيو ته اليڪشن صحيح ٿي، هارائڻ وارو اِهو ئي چوندو آهي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اسان اداري جي قدر نٿا ڪريون.
عدالت سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ECP reservedseats formula SC