عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي روڪي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي قائم ست رڪني ڪميٽي پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسيءَ جو فيصلو ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي سربراهي شاهه محمود قريشي ڪندو جڏهن ته ڪميٽي ۾ اسد قيصر، حامد خان، شهريار آفريدي، بئريسٽر گوهر ۽ شبلي فراز شامل هوندا.
ذريعن موجب، شاندانا گلزار کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ عورتن جي ڪيسن ۽ سندن پارٽي ڇڏڻ جي سبب بابت رپورٽ ڏيندي جنهن کانپوءِ ڪميٽي حتمي نالن جي فهرست پي ٽي آءِ باني ڏانهن اُماڻي ويندي جيڪو حتمي فيصلو ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي آزادي تائين ڪنهن به اڳواڻ جي پارٽيءَ ۾ واپسي کي روڪيو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ باني جي آزادي کانپوءِ ئي اڳواڻن جي واپسي بابت فيصلو ڪيو ويندو.

ImranKhan PTI seniorleadership

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.