اي ٽي سي جج علي امين جي غيرحاضري تي ڪاوڙجي پيو، گرفتاري وارنٽ ڪڍڻ جو چتاءُ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف سنگجاڻي ۽ آءِ9 ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن بابت ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ علي نواز اعواڻ، واثق قيوم، عامر ڪياني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ عامر مغل طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران جج طاهر سپرا رمارڪس ڏيندي چيو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست قبول نه ڪئي ويندي، اِهو ڪو سبب ناهي ته مان شهر کان ٻاهر آهيان ته پيش نٿو ٿي سگهان، حاضري پوري نه ڪرڻ جوابدار تي آهي يا عدالت تي.
پي ٽي آءِ وڪلين جواب ڏنو ته حاضري ڪرڻ جوابدار تي آهي، جنهن تي جج چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا گرفتار وارنٽ جاري ٿيندا، ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني هوندي، حاضري جي مڪمل خاطري ڪرائي ويندي ته پوءِ وارنٽ جو معاملو ڏٺو ويندو.
صفائي واري وڪيل چيو ته هڪ موقعو ڏنو وڃي ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا جوابدار پيش ٿيندا، ان تي جج چيو ته جيڪي جوابدار اٺ تاريخ تي پيش نه ٿيا تن کي اشتهاري قرار ڏيندس، عدالتي روپوش کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ 30 ڏينهن ضروري نه آهن، مون کي ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻو آهي، ان ۾ اوهان جو ئي فائدو ٿيندو.
جج وڌيڪ چيو ته تماشا بڻايو ويو آهي، هڪ اچي ٿو ته ٻيو نٿو اچي، اٺ جولاءِ تي ڪو بيمار هجي، ڪنهن کي بخار هجي، ڇا به ٿئي، جيڪو نه آيو تنهن کي اشتهاري قرار ڏيندس.
هن چيو ته اٺ جولاءِ کانپوءِ ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني بنيادن تي ٿيندي، جيڪڏهن ڪيس مضبوط هوندا ته هلندا ٻي صورت ۾ اڪلايا ويندا.
بعد ۾ عدالت ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي اٺ جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ATC aliamingandapur CMKPK PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.