اپوزيشن جي گرينڊ الائنس لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي گرينڊ الائنس لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اسٽيئرنگ ڪميٽي پي ٽي آءِ جَي يو آءِ جي امڪاني اتحاد بابت ٽي او آرز طئي ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي لاءِ پنج نالا پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پنج نالا جمعيت علماءَ اسلام طرفان ڏنا ويندا.
ذريعن موجب، اسٽيئرنگ ڪميٽي لاءِ نالن جي ڏي وٺ هلندڙ هفتي تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ وچ ۾ ٿيندو، پي ٽي آءِ وفد هلندڙ هفتي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات پڻ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي مقرر ڪيل وقت ۾ پنهنجي رپورٽ مرڪزي قيادت کي پيش ڪندي.

 

PTI JUI grandalliance

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.