اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام چونڊن ۽ مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ جي يو آءِ ( ف ) جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته سندن جمايت ان ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي موقف جي حمايت ڪري رهي آهي.
جسٽس جمال مندو خيل سوال ڪيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته ڪميشن بلڪل درست ڪم ڪيو آهي؟ ان تي ڪامران مرتضيٰ مرڪندي جواب ڏنو ته جي ها، اليڪشن ڪميشن بلڪل درست ڪم ڪيو آهي.
ان موقعي تي جسٽس منيب اختر مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ڪالهه ٽي وي تي هڪ پريس ڪانفرنس هلي رهي هئي، اوهان جو موقف ان کان بلڪل مختلف آهي.
You might also like